ڌڱاڻو جتوئي

ڌڱاڻو جتوئي: ڌڱاڻو جتوئي ڪلهوڙن جي فوجي جرنلن مان هڪ هو، ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کانپوءِ هي ميان عبدالنبي جو خاص خدمتگار ٿيو. چالڪ جي پل واري لڙائيءَ ۾ ميان عبدالنبي، مهراب جتوئي، ڌڱاڻي جتوئي ۽ ٻين کي شامل ڪيو. هالاڻيءَ جي پهرين جنگ ۾ جڏهن مير عبدالله قتل ٿي ويو ته ميان عبدالنبي، ڌڱاڻي جتوئيءَ کي فوج جو مختيارِ ڪُل بڻايو ۽ کيس لاکاٽ جي جاگير ڏني، جنهن جي آمدني ٽن چئن لکن کان گھٽ نه هئي. انهيءَ جنگ ۾ مير فتح علي خان، ڌڱاڻي کي شڪست ڏني، ان دوران ڌڱاڻي خان کي پنهنجا ساٿي ميدان ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. هالاڻيءَ جي جنگ کانپوءِ تاجو جتوئي ۽ ڌڱاڻو خان جتوئي، مير فتح علي خان ٽالپر وٽ اچي پيش پيا ۽ پنهنجي جاگير لاکاٽ ۾ ميرن جا خدمتگار ٿي رهڻ لڳا. ان کانپوءِ ڌڱاڻو جتوئي هميشه ٽالپرن جو وفادار ٿي رهڻ لڳو.


لفظ ڌڱاڻو جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو